سلطاني سهاڳ

سلطاني سهاڳ

سلطاني سهاڳ

سلطاني سهاڳ (ڪتاب): هي ڪتابچو مير محمد مقبول سومري هنڱورجائيءَ جو لکيل آهي، جنهن تي پير عبدالوحيد سرهنديءَ جي تقريض لکيل آهي. هن ڪتابچي جا پنج باب آهن، جن ۾ پهرين باب ۾ قرآن پاڪ جي عظمت، تلاوت وغيره جو تذڪرو آهي، باب ٻئي ۾ حافظِ قرآن جي مرتبي بابت ذڪر آهي. ٽئين باب ۾ علم جي دولت، علم پرائڻ جا مقصد ۽ شاگرد جون ذميداريون ڏنيون ويون آهن. چوٿين باب ۾ استادن طالبن ۽ مڪتب جي باري ۾ احوال ڏنل آهي، جڏهن ته پنجين باب ۾ دستاربندي/ دستار فضيلت جو تذڪرو. هي ڪرائون سائيز جي 48 صفحن تي مشتمل ڪتابڙو ليکڪ السنڌ ڪمپوزرس، کوکر محلي، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڇپائيءَ جو سال 2000ع آهي، جڏهن ته ڪتابچي جي قيمت 10 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو